حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي

حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي : حافظ محمد هارون ”دلگير“ ولد حافظ محمد يوسف 1299هه/ 1881ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو. ٻارهن سالن تائين ”دلگير“ مرحوم پنهنجي پيءُ وٽ پارسي ۽ سنڌي پڙهي پڄائي. انهيءَ کان پوءِ قرآن ڪريم ياد ڪيائين. 1314هه/ 1896ع کان 1316هه/ 1898ع تائين، علامه اسد الله شاهه ”فدا“ وٽ عربيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. 1316هه / 1898ع ۾، آقا محمد حسين جان کيس پنهنجي فرزند، محمد اسماعيل جان ۽ محمد يعقوب جان جي تعليم لاءِ مقرر ڪيو. حافظ صاحب صاحبزادن کي تعليم ڏيڻ سا گڏ خود به پير صاحب جي صحبت مان جھجھو فيض پرايو. علمي رهاڻين ۽ شاعريءَ جي محفلن ”دلگير“ جي قلم کي ڪافي قوت پڄائي. اهو سلسلو 1328هه/ 1910ع تائين هليو، جيستائين پير صاحب ٽکڙ ۾ رهيو. هنن برگزيده بزرگن جو درس و تدريس کان سواءِ ٻيو ڪو به ظاهري طور ذريعه معاش ڪونه هو. تنهن ڪري مفلسيءَ جو مڙئي مٿن مارو رهندو هو. حافظ محمد يوسف جي وفات کانپوءِ سندس درسگاهه ”دلگير“ جو دامن جھليو ۽ ”دلگير“ جي سرچشمه فيض مان گھڻائي علم جا اڃايل سيراب ٿيا. سعيد پور واري سيد محمد ڪامل شاهه مرحوم جو ”دلگير“ سان خاص قرب هوندو هو. سندس خط و ڪتابت جو ڪم به ”دلگير“ ڪندو هو. جڏهن به سندس صاحبزاده گرمين جي موڪلن ۾ ڳوٺ ايندا هئا، تڏهن يڪدم”دلگير“ کي گھرائيندو هو ته اچي کين ديني تعليم ڏئي. حافظ صاحب کي ڪامل شاهه کان چڱو خاصو وظيفو ملندو هو. جيئن ته اڳي گھڻو ڪري پارسي ۾ هلندي هئي، انهيءَ ڪري ”دلگير“ خط پٽ لکڻ، شادين جي دعوتن جي مسودن ٺاهڻ، ڪنهن جي ولادت يا وفات تي قصيدن يا مرثين چوڻ ۽ قطعه تاريخ لکڻ مان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪري وٺندو هو. ”دلگير“ حافظ خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن پنهنجي گذاران لاءِ ٽکڙ کان ٻاهر نڪري هٿ پير هنيا. ”دلگير“ نهايت اعليٰ پايه جو خطاط به هو. ڪيترا ليٿو پريس وارا پنهنجا ڪتاب وغيره حافظ صاحب کان ئي لکائيندا هئا. گھڻا شوقين اصحاب ناياب قلمي ڪتاب وٽانئس ڪتابت ڪرائيندا هئا. ان وقت ٽکڙ مان نڪرندڙ رسالن، ”بهار اصلاح“ ۽ ”الاصلاح“ جو ڪاتب حافظ صاحب ئي هو. علامه اسد الله شاهه جي ڪتابن جا مڙيئي مطبوع نسخا به حافظ صاحب ئي تيار ڪيا هئا. متعلوي ساداتن جي پراڻي شجري کي اتاري نئون ڪيو ويو، سو به حافظ صاحب جي هٿ جو فن هو، جنهن جو معاوضو کيس ڪي مڻ اناج ۽ ڪجهه روڪڙ مليو. انهن اکرن کي ڏسي، حافظ صاحب کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگھجي. مرحوم جي فارسي داني ۽ نثر نويسي ۽ انشا پردازيءَ تي وقت جا نامور عالم ۽ فاضل به رشڪ کائيندا هئا. مرحوم سنڌي زبان جو به هڪ سٺو انشاپرداز هو. سندس مضمونن کي جيڪڏهن گڏ ڪري شايع ڪجي، ته هوند پارسي ۽ سنڌي زبانن جي انشاء جو چڱو مجموعو موجود ٿي سگھي ٿو. مگر افسوس زماني جي لاهين چاڙهين جي ڪري اهي جواهر پارا اهڙي اهڏ ۾ اچي ويا، جو انهن جو هن وقت ملڻ نهايت مشڪل آهي. صرف ڪي زباني روايتون وڃي رهيون آهن ۽ ڪجهه فارسي ڪتابن تي سندس لکيل تقريطون ۽ تاريخي قطعات آهن. حافظ صاحب جي وفات نهايت پردرد ٿي. 1340هه/ 1921ع ۾ کيس هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو فاروق رکيائين. هن ٻار جي پيشانيءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي بزرگيءَ جا آثار موجود هئا. جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، تيئن تيئن حسنِ صورت سان گڏ حسنِ سيرت ۾ به ترقي ڪندو ويو. اهڙو اولاد هونئن به هر هڪ رشتيدار جي دل ۾ گھر ڪري ويندو آهي، پر هن سهڻي سلڇڻي پٽ تي حافظ صاحب جو بيحد پيار هوندو هو. مگر افسوس قضا ۽ قدرت جي ڪير آڏو اچي. معصوم محمد فاروق 4 ذوالقعد 1352هه/ 1933ع ۾ وفات ڪري پيءُ جي ڄڻ ڪمر ٽوڙي وڌي. انهيءَ کان پوءِ حافظ صاحب غمگين گذارڻ لڳو. پوري چوٿين مهيني يعني 11 ربيع الاول 1353هه/ 1934ع آچر جي ڏينهن منجھند مهل، جيئن سعيد پور مان گھوڙي تي چڙهي گھر پهتو ۽ وهنجي سهنجي اڃا مانيءَ تي ويٺو ئي مس، ته کيس رت جي اُلٽي آئي ۽ جيسين حڪيمن جو هٿ رسي، تيسين هن مفلس عالم ۽ فاضل جو روح قفس عنصريءَ مان پرواز ڪري ويو. کيس صرف هڪ نياڻي هئي، جا به رحلت ڪري ويئي. شاعري ڄڻ ته ”دلگير“ جو ورثو هئي. طبيعت ايتري قدر روان هوندي هئس جو ڪنهن به ”طرح“ تي في البديهه شعر چئي ويندو هو. جن ڏينهن ۾ ”مخلص“ روپوش ٿي ٽکڙ ۾ آيو هو. انهن ڏينهن ۾ ٻنهي جا پاڻ ۾ شاعرانه معرڪا ٿيندا هئا. ”دلگير“ جو جيڪو به ڪلام هٿ آيو آهي، انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته، پاڻ سنڌي شعر تمام گھٽ چيو اٿس ۽ سنڌيءَ ۾ جو ڪجهه چيو اٿس سو به سڄو پارسيءَ زبان جي ترڪيبن، محاورن، استعارن ۽ ڪناين سان ڀريل آهي. سنڌيءَ ۾ ڪي ته اهڙا شعر اٿس، جو سواءِ پارسي دان جي ٻيو ڪو به سمجھي نه سگھندو. البت هڪ غزل هٿ آيو آهي، جو سڄو تجنيس حرفي ۽ خاص سنڌي محاورن سان سينگاريل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1881.00.00  عيسوي

حافظ محمد هارون ” دلگير “ 1299هه/ 1881ع ۾ موجوده ٽکڙ ۾ پيدا ٿيو


1934.00.00  عيسوي

حافظ محمد هارون ” دلگير “11 ربيع الاول 1353هه/ 1934ع آچر جي ڏينهن منجھند مهل هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ميان قائم الدين فقير شر
ڀائي ڌرمداس
ڀرتري هري
عطا حسين حافظ بجاراڻي
تاجدار عادل
توڏو مري
ٽالپر ڪرم
بلال شاهه
امير خسرو
سڪندر سرواڻ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون